ست ڪشميري آکاڻيون

ست ڪشميري آکاڻيون

ست ڪشميري آکاڻيون

ست ڪشميري آکاڻيون (ڪتاب): ڪشميري ليکڪ اختر محي الدين جي ستن ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو، سنڌي زبان جي مشهور ڪهاڻيڪار ايشور چندر ڪيو آهي. هي ست ڪشميري ڪهاڻيون اختر محي الدين، نومبر 1955ع ۾ سرينگر مان ڇپائي پڌريون ڪيون هيون، جنهن جي ’ٻه اکر‘ ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ”فن- حياتيءَ جو پيارو ۽ لاڏلو اولاد- تيسين زنده رهي سگهندو، جيسين حياتيءَ جي ٿڻن جي پوتر ٿڃ پيئندو رهندو. حياتيءَ کان الڳ هئڻ سان فن بيجان ۽ بيسرو ٿي ٿو وڃي.“ منهنجي فن کي ان ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي، پوءِ جي اهو کرو ثابت نه ٿئي، ته ان کي باهه ۾ اڇلڻ کپي. هنن ستن ڪهاڻين جو ايشور چندر انتهائي سادي ۽ سلوڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، ڪهاڻين جا عنوان هن ريت آهن: (1) پاون جي ڪني، (2) ڳاڙهي شلوار، (3) ائين به ٿيندو آهي، (4) ڍڳو ۽ ڍڳو، (5) منڌل وارن واري نينگر، (6) سوتليءَ جو ٽڪرو، (7) ڪُميون.
ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن ساهتيه اڪيڊمي نئين دهليءَ، 1980ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جڏهن ته ان جو ٻيو ايڊيشن، آڪٽوبر 1986ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 12 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو